سيد محمد مراد شاهه

سيد محمد مراد شاهه

سيد محمد مراد شاهه

سيد محمد مراد شاهه: سيد محمد مراد شاهه، باقيل پوٽا ساداتن ۾ سياسي حوالي سان ڪافي مشهور شخص ٿي گذريو آهي. هن جو جنم 1928ع ڌاري ٿيو. ڪجهه عرصو ٽائون ڪميٽي مٽياريءَ جو چيئرمئن به رهيو ۽ شهر جي ترقيءَ لاءِ ڪافي ڪم ڪيائين. مٽياري شهر جي ٻاهران سڄو سرڪل روڊ هن جي ڪوششن سان ٺهيو. شهر جي ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيائين. ونيونٽ واري دور، 1965ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. مٽياري شهر ۾ تعليمي سجاڳي ۽ نوجوانن ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ ۾ سندن اهم ڪردار رهيو آهي.
کيس ست فرزند ٿيا، جن جا نالا هن ريت آهن: نعيم شاهه، علي گوهر شاهه، علي مراد شاهه، غلام مرتضيٰ شاهه، ڊاڪٽر حسن مراد شاهه، خالد مراد شاهه ۽ غالب مراد شاهه.
هن 42 سالن جي عمر ۾ 1970ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ سيد محمد مراد شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو